پرتگال به فلسطين کي رياست طور تسليم ڪري ڇڏيو ــ برطانيا، ڪينيڊا ۽ آسٽريليا کان پوءِ هڪ ٻي وڏي اڳڀرائي

لنڊن/نيويارڪ: برطانيا، ڪينيڊا ۽ آسٽريليا کان پوءِ هاڻ پرتگال به باضابطه طور فلسطين کي هڪ خودمختيار رياست طور تسليم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته چيو ويو آهي ته اسرائيل جنگبندي ۽ ٻيون لازمي شرطون پوريون نه ڪيون آهن۔ عالمي ميڊيا موجب برطانيا جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر سماجي رابطن واري پليٽفارم تي چيو ته برطانيا فلسطين کي رياست طور تسليم ڪري امن جي اميد کي ٻيهر اجاگر ڪيو آهي۔ هن چيو ته جيڪڏهن اسرائيل حماس سان جنگبندي، غزه تائين امداد جي فراهمي، مغربي ڪناري تي قبضو نه ڪرڻ ۽ ٻن رياستي حل جي لاءِ قدم نه کنيا ته اهڙو اعلان ڪرڻ لازمي هو۔ ڪينيڊا ۽ آسٽريليا به اڳ ۾ فلسطين کي رياست طور مڃي چڪا آهن، جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران وڌيڪ ملڪن طرفان اهڙا اعلان ٿيڻ جو امڪان آهي۔ پرتگال جي پرڏيهي وزير پاولو رينجل چيو ته فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ پرتگال جي مستقل خارجي پاليسي جو حصو آهي۔ هن زور ڏئي چيو ته ٻن رياستن وارو حل ئي خطي ۾ پائيدار امن جو واحد رستو آهي، پر هن پڻ اعتراف ڪيو ته رياست تسليم ڪرڻ سان غزه جو انساني بحران فوري طور ختم نٿو ٿئي ــ تنهن ڪري فوري جنگبندي انتهائي ضروري آهي۔ لنڊن ۾ فلسطيني مشن جي سربراهه حسام زملط برطانيا جي فيصلي تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته هي رڳو فلسطين لاءِ نه پر برطانيا جي تاريخي ذميوارين کي پورو ڪرڻ لاءِ به اهم قدم آهي، جيڪو انصاف، امن ۽ تاريخي غلطيءَ جي سڌاري ڏانهن اشارو ڪري ٿو۔

پنھنجي راءِ لکو