وزيراعظم شهباز شريف: زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، ٽورازم ۽ توانائي ۾ پرڏيهي سرمائيڪاري جا وڏا موقعا موجود

لنڊن: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، ٽورازم ۽ توانائي جهڙا اهم شعبا آهن جن ۾ پرڏيهي ملڪن کان وڏي پئماني تي سرمائيڪاري اچي سگهي ٿي۔ لنڊن مان زوم ذريعي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ وزيراعظم پاڪستان ۾ اقتصادي ۽ واپاري سرگرمين کي وڌائڻ بابت ڳالهائيندي چيو ته سڀني اهم شعبن ۾ سرمائيڪاري ۽ واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ عمل جوڳن منصوبن تي ڪم ڪيو وڃي۔ هن چيو ته سرمائيڪاري سان گڏ واپار ۾ به واڌ اسان جي پاليسي جو حصو آهي ته جيئن برآمدات ۾ نمايان اضافو ٿي سگهي۔ وزيراعظم ٻڌايو ته وزارتن کي واضح حدف ڏئي ڇڏيا آهن ۽ سمورن تعمير هيٺ منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ وسيلا استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته مستقبل کي نظر ۾ رکندي روڊ ميپ ۽ تبديلي جو ايجنڊا ٺاهيو وڃي، ته جيئن مقرر ڪيل مقصدن کي منظم انداز ۾ حاصل ڪري سگهجي۔ شهباز شريف وڌيڪ چيو ته اقتصادي روڊ ميپ ۾ نجي شعبي جو اهم ڪردار هوندو ۽ انهن جي شموليت کي يقيني بڻايو ويندو۔ هن دعويٰ ڪئي ته جاري معاشي ۽ اقتصادي اصلاحات معيشت کي هٿي ڏني آهي ۽ شفافيت جي ڪري ملڪ ترقي جي رستي تي اڳتي وڌي رهيو آهي۔ اجلاس ۾ وفاقي وزير ماحوليات مصدق ملڪ، وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، واپار وارو وزير ڄام ڪمال، اطلاعات وارو وزير عطاءُالله تارڙ ۽ اقتصادي معاملن وارو وزير احمد خان چيمه به شرڪت ڪئي۔

پنھنجي راءِ لکو