ڊي جي ايس بي سي اي شاهه مير ڀٽو هٽايو ويو، مزمل هاليپوٽو نئون ڊائريڪٽر جنرل مقرر

سنڌ حڪومت ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) شاهه مير ڀٽو کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب شاهه مير ڀٽو جي جاءِ تي مزمل هاليپوٽو کي نئون ڊي جي ايس بي سي اي مقرر ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته جولاءِ ۾ ڪراچي جي علائقي لياري بغداد ۾ هڪ پنج ماڙ عمارت پٽ پئجي وئي هئي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 27 ڄڻا فوت ٿيا هئا. ان واقعي کان پوءِ 7 جولاءِ تي سنڌ حڪومت ان وقت جي ڊي جي ايس بي سي اي محمد اسحاق کهڙو کي معطل ڪري شاهه مير خان کي ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو هو.

پنھنجي راءِ لکو