ڪشمور پوليس جي بروقت ڪارروائي: ڪراچيءَ جو رهواسي اغوا ٿيڻ کان بچي ويو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ڪشمور پوليس بروقت ۽ ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڪراچيءَ جي رهواسي کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. تفصيل موجب ڪراچيءَ جو شهري عبدالكريم شيخ ولد جمعه شيخ سستي سبزي خريد ڪرڻ جي لالچ ۾ ڪچي علائقي طرف وڃي رهيو هو، جتي اغواڪارن کيس نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. ترجمان پوليس موجب ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگھرو جي هدايت تي اي ايس پي ڪشمور محمد عاشر جي سربراهي ۾ انچارج مددگار ڪشمور صدام حسين کوسو ٽيم سميت ڪارروائي ڪندي اغواڪارن جا ارادا ناڪام بڻايا. پوليس موجب ٽيڪنيڪل اطلاع تي فوري ناڪابندي ڪئي وئي ۽ شهري کي سلامت بچائي سندس وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي اي ايس پي ڪشمور محمد عاشر چيو ته شهري ڌوڪيباز ڪالن ۽ فيڪ پيغامن ۾ اچي ڪچي طرف وڃڻ کان پاسو ڪن. جيڪڏهن ڪنهن کي دوستي، شادي، نوڪري، سستا گاڏيون، مال مويشي يا سبزي خريدڻ جي نالي تي ڪوڙا لالچ ڏئي ڪال يا پيغام ملي، ته فوري طور مقامي پوليس کي اطلاع ڏنو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو