ڪشمور صرافه بازار ۾ ڏينهن ڏٺي جو ڦر، واپارين جو پوليس خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ڪشمور صرافه بازار ۾ ڏينهن ڏهاڙي هٿياربندن طرفان ڦر جي واردات، جنهن بعد واپارين پوليس جي نااهلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. تفصيل موجب ڪشمور ٿاڻي جي حد صرافه بازار ۾ ٽي موٽرسائيڪل سوار هٿياربند سونار اشوڪ ڪمار کي يرغمال بڻائي قيمتي سون ۽ نقدي ڦر ڪري بنا ڪنهن مزاحمت جي فرار ٿي ويا. عيني شاهدن جو چوڻ آهي ته ڏوهارين وڏي آساني سان واردات سرانجام ڏئي فرار ٿيا ۽ پوليس واقعي واري وقت تي موجود نه هئي. واقعي بعد صرافه بازار جا واپاري وڏي انگ ۾ ٿاڻي تي پهتا ۽ پوليس جي نااهليءَ خلاف احتجاج ڪيو. واپارين چيو ته ڏينهن ڏهاڙي مارڪيٽ مان ڦر ٿيڻ پوليس جي ڪارڪردگي تي وڏو سوال آهي، پر امن قائم ڪيو وڃي ۽ وڌندڙ ڏوهن تي ضابطو آندو وڃي. متاثر سونار اشوڪ ڪمار جو چوڻ هو ته پوليس جي نااهلي سبب ڏوهاري بي خوف ٿي ويا آهن. هن مطالبو ڪيو ته لوٽيل سون ۽ رقم فوري طور واپس ڪرايا وڃن، جڏهن ته هندو واپاري برادري به مطالبو ڪيو ته ڏوهارين کي جلد گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

پنھنجي راءِ لکو