ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ـ قمبراڻي لاڙو پوليس چوڪي مان اغوا ٿيل پوليس اهلڪار فضل الرحمان کوسو جي هڪ ٻي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ مغوي اهلڪار کي زنجيرن سان جڪڙيل حالت ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ويڊيو ۾ پوليس اهلڪار فضل الرحمان کوسو چئي رهيو آهي ته هو ڏوهارين جي قيد ۾ آهي ۽ اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد نه ٿي سگهيو آهي. مغوي اهلڪار پنهنجي بيان ۾ آءِ جي سنڌ، وڏي وزير، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کي سڌي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڌاڙيلن جا مطالبا تسليم ڪري سندس کي جلد بازياب ڪرايو وڃي. واضح رهي ته پوليس گذريل ٽن ڏينهن کان خادم ڀيو گينگ خلاف جديد ٽيڪنالاجي ڊرون ذريعي ڪارروائيون ڪري رهي آهي، جنهن دوران انعام يافته ڏوهاري صحبت جاگيراڻي، شفيق ڏاهاڻي ۽ شاهد ڀيو سميت ڪيترن ڏوهارين کي ماريو ويو آهي، جڏهن ته ڇهن کان وڌيڪ ڏوهاري زخمي پڻ ٿيا آهن. ٻئي پاسي مغوي پوليس اهلڪار جي بازيابي لاءِ شهري حلقن ۽ سندس وارثن ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي ۽ عوامي حلقن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اهلڪار کي جلد کان جلد آزادي ڏيارڻ لاءِ مؤثر حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي.
