ايف بي آر ٽيڪس نيٽ ۾ نه ايندڙ سونارن خلاف ڪڙڪندڙ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ سونارن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن۔ ميڊيا ذريعن موجب شروعاتي مرحلي ۾ راولپنڊي، اسلام آباد، فيصل آباد ۽ ملتان جي سونارن کي نوٽيس موڪليا ويا آهن جن ۾ انهن کان ٽيڪس معاملن بابت وضاحت طلب ڪئي وئي آهي۔ ياد رهي ته گذريل ڏينهن اهو انڪشاف ٿيو هو ته ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 60 هزار کان وڌيڪ سونارن جو ڊيٽا ايف بي آر گڏ ڪيو آهي، پر انهن مان صرف 21 هزار رجسٽرڊ آهن، جڏهن ته انهن مان به رڳو 10 هزار 524 باقاعده ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرايا آهن۔ ذريعن مطابق گهڻا سونارا پنهنجي اصل آمدني لڪائي گهٽ ڏيکارين ٿا ته جيئن ٽيڪس ڏيڻ کان بچي سگهن، جنهن تي ايف بي آر سخت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔ پهريون مرحلو طور تي پنجاب جي 900 سونارن جي فهرست تيار ڪئي وئي آهي، جن کي هاڻي سخت جاچ ۽ قانوني ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو۔
