ايشيا ڪپ ٽي ٽوئنٽي 2025 جي سپر فور مرحلي جو ٽيون ۽ اهم مقابلو اڄ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ابوظهبي ۾ کيڏيو ويندو. قومي ٽيم گذريل ڏينهن دبئي کان ابوظهبي پهتي جتي رانديگرن کي آرام جو ڏينهن ڏنو ويو. ماهرن جو چوڻ آهي ته فائنل تائين پهچڻ لاءِ پاڪستان کي اڄ جو ميچ هر صورت ۾ کٽڻو پوندو، ٻي صورت ۾ قومي ٽيم جا فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان تمام گھٽ ٿي ويندا. سپر فور مرحلي ۾ شامل سڀئي چار ٽيمون (پاڪستان، ڀارت، سريلنڪا ۽ بنگلاديش) فائنل لاءِ اميدوار آهن ۽ ڪنهن به ٽيم لاءِ هڪ ميچ جي ڪاميابي فائنل تائين رسائي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. هوڏانهن ڪرڪيٽ جي مداحن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم کي سريلنڪا خلاف سٺو رانديگر چونڊ ۽ جارحاڻو راند ڏيکارڻي پوندي ته جيئن فائنل تائين پهچڻ جا دروازا کليل رهن.