ڪراچي ۾ روڊ حادثا: تيز رفتار ڊمپر ۽ ون ويلنگ سبب ٻه ڄڻا فوت، هڪ زخمي

ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ ۽ بي احتياطي سبب روڊ حادثن جو سلسلو جاري آهي. اڱاري جي صبح ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي علائقي ملير در محمد ڳوٺ جي ڀرسان تيز رفتار ڊمپر موٽر سائيڪل سوار ٻن شهرين کي چيڀاٽي ڇڏيو. حادثي جي نتيجي ۾ هڪ شهري ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻيو سخت زخمي ٿي پيو. ڇيپا ايمبولينس ذريعي زخمي ۽ فوت ٿيل کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. فوت ٿيل جي سڃاڻپ 25 ورهين جي شاهنواز ولد مولابخش طور ٿي، جڏهن ته زخمي شاهه نور ولد گلاب نالي سان سڃاتو ويو. ٻئي رهواسي ملير در محمد ڳوٺ جا هئا. حادثي کان پوءِ علائقي واسين سخت احتجاج ڪندي ميمڻ ڳوٺ روڊ کي بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. پوليس موقعي تي پهچي ڳالهين کان پوءِ روڊ کي ٽريفڪ لاءِ کولي ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي کان پوءِ ڊمپر ۽ ان جو ڊرائيور عمر تحويل ۾ ورتو ويو آهي ۽ قانوني ڪارروائي جاري آهي. ساڳئي ڏينهن ناظم آباد ٿاڻي جي حد ۾ چار نمبر فائر اسٽيشن جي ڀرسان هڪ نوجوان ون ويلنگ ڪندي بيٺل گاڏي سان ٽڪرائجي سخت زخمي ٿي پيو. کيس عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي علاج دوران فوت ٿي ويو. پوليس موجب فوتي نوجوان اورنگي ٽائون جو رهواسي هو، سندس سڃاڻپ ۽ وارثن جي ڳولا جاري آهي.

پنھنجي راءِ لکو