پاڪستان عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ موثر قدم کڻي رهيو آهي: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو گڏيل قومن ۾ خطاب

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۾ عورتن لاءِ انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي، جڏهن⁠ته عورتن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا ويا آهن. پاڪستان صنفي مساوات تي مڪمل يقين رکي ٿو ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن. سومر جي ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ عورتن جي چوٿين عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان عورتن کي زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي وڌائڻ لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيو آهي. اسحاق ڊار ياد ڏياريندي چيو ته 30 سال اڳ بيجنگ ۾ صنفي مساوات تي معاشري جي جوڙجڪ جو واعدو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ عورتن کي خودمختيار بڻائڻ شامل هو. پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح به عورتن جي خودمختياري تي زور ڏنو هو. هن چيو ته پاڪستان هن وقت صنفي مساوات ۾ مثبت رجحان ڏيکاري رهيو آهي. پاڪستاني عورتون سياست، عدليه، فوج، پوليس ۽ بيوروڪريسي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. پاڪستان دنيا ۾ پهريون ملڪ آهي جنهن مسلمان عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو کي چونڊيو، ۽ هاڻ پنجاب ۾ پهريون ڀيرو عورت وزيراعليٰ مريم نواز چونڊي وئي آهي. نائب وزيراعظم وڌيڪ چيو ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ عورتن لاءِ مخصوص سيٽون موجود آهن، جڏهن⁠ته بلدياتي چونڊن ۾ به عورتن کي اهم مقام ڏنو ويو آهي. عورتن کي ڪم واري جڳهه ۽ رستن تي حراسمينٽ کان بچائڻ لاءِ قانوني تحفظ ڏنو ويو آهي، جڏهن⁠ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي به عورتن کي بااختيار بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم يوٿ پروگرام ۾ به عورتن کي ترجيح ڏني وئي آهي، ووڪيشنل ٽريننگ سان گڏ انهن کي عملي تربيت ڏني پئي وڃي. عورتن جي وڌيڪ ترقي ۽ صنعتي شعبي ۾ مساوات لاءِ گڏيل سرمائيڪاري جي ضرورت آهي. اسحاق ڊار زور ڏنو ته غربت جي خاتمي ۽ عورتن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ لاءِ گڏيل عالمي ڪوششن جي ضرورت آهي.

پنھنجي راءِ لکو