سعودي عرب جو مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل الشيخ لاڏاڻو ڪري ويو

سعودي عرب جو مفتي اعظم، شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل الشيخ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. سعودي پريس ايجنسي (ايس پي اي) جي رپورٽ موجب شاهي ديوان اعلان ڪيو ته هو بينت ڪبار العلماء، علمي تحقيقات ۽ افتا جي عمومي صدارت، ۽ مسلم ورلڊ ليگ جي اعليٰ ڪونسل جي سربراهه جي حيثيت سان اهم خدمتون سرانجام ڏئي رهيو هو. شيخ عبدالعزيز جي جنازي نماز اڄ عصر جي نماز کان پوءِ رياض جي امام ترڪي بن عبدالله مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي. خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود حڪم جاري ڪيو آهي ته سندس غائبانه جنازي نماز مڪه مڪرمه جي مسجد الحرام، مدينه منوره جي مسجد نبوي ۽ سعودي عرب جي سمورين مسجدن ۾ عصر جي نماز کان پوءِ ادا ڪئي وڃي. شاهي ديوان چيو ته شيخ عبدالعزيز جي وفات کان پوءِ اسلامي دنيا هڪ جليل القدر عالم دين کان محروم ٿي وئي آهي، جنهن اسلام ۽ مسلمانن جي خدمت لاءِ نمايان خدمتون انجام ڏنيون. خادم حرمين شريفين ۽ ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان آل سعود سندس گهر ڀاتين، سعودي عوام ۽ سموري اسلامي دنيا سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف به شيخ عبدالعزيز جي وفات تي گهاٽي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته شيخ عبدالعزيز جي وفات سڄي امت مسلمه لاءِ وڏو نقصان آهي. هو وڏو عالم دين هو جنهن زندگي قرآن ۽ سنت جي ترويج، شريعت مطهره جي توضيح ۽ امت جي رهنمائي ۾ وقف ڪئي. شهباز شريف چيو ته شيخ عبدالعزيز جي ڪوششن ۽ علمي بصيرت کي هميشه ياد رکيو ويندو. پاڪستاني عوام ۽ حڪومت سعودي عوام ۽ قيادت جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.