ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ڪنڌڪوٽ پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ پوليس مقابلي ۾ زخمي جوابدار وٽان بغير لائسنس پسٽل پڻ هٿ ڪيو ويو۔ تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد محمداڻي پوليس پڪٽ وٽ ڦر جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين کي گشتي ٽيم ڏسي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ڌاڙيلن فائرنگ ڪئي۔ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري زخمي ٿي پيو، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا۔ پوليس علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي۔ ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو موجب گرفتار زخمي جوابدار جي سڃاڻپ شان ولد حضور بخش چنه طور ٿي آهي۔ سندس وٽان بغير لائسنس پسٽل هٿ ڪيو ويو ۽ کيس فوري طور علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ شهر ۾ هندو واپارين کان ڦرلٽ، اسٽريٽ ڪرائم، موٽرسائيڪل لفٽنگ، ڌاڙيلن کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ موبائل فون کسن واري ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث آهي۔ گرفتار جوابدار مٿان ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي اٺ الڳ ڪيس داخل آهن۔
