سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي اڄ 23 سيپٽمبر 2025ع، اڱاري ڏينهن ايپڪا يونٽ ايگريڪلچرل انجنيئرنگ ورڪشاپ لاڙڪاڻو پاران مڪمل تالا بندي ڪئي وئي. احتجاجي مظاهرو صدر ايپڪا يونٽ ايياز علي عمراڻي، جنرل سيڪريٽري زاهد علي چنه ۽ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري احسن مرتضى جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو. احتجاج دوران ملازمن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي نعريبازي ڪئي ۽ سنڌ حڪومت جي پاليسين خلاف سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو. اڳواڻن چيو ته حڪومت پاران جاري ڪيل نئين پينشن سڌارن سان هزارين سرڪاري ملازمن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي، جيڪو سراسر زيادتي آهي. چيئرمين اصغر علي تنيو ۽ ٻين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سرڪاري ملازمن لاءِ گروپ انشورنس بحال ڪئي وڃي، نئين پينشن پاليسي کي فوري طور واپس ورتو وڃي ۽ ٻين جائز مطالبن کي تسليم ڪيو وڃي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت سنجيدگي سان مطالبن تي غور نه ڪيو ته احتجاج جو دائرو وڌائي لاڙڪاڻي کان پوري سنڌ تائين ڦهلايو ويندو. ملازمن جو چوڻ هو ته اسان جي احتجاج جو مقصد پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ آهي، جڏهن ته حڪومت جي ضد ۽ بي حسي سبب ملازمن ۾ شديد بيچيني پيدا ٿي رهي آهي.
