مائيڪرو سافٽ عالمي سطح تي ونڊوز 10 آپريٽنگ سسٽم لاءِ سپورٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب، 14 آڪٽوبر 2025 کان پوءِ ونڊوز 10 استعمال ڪندڙ صارفين کي ٽيڪنيڪل سپورٽ، سيڪيورٽي اپ ڊيٽس ۽ فيچر اپ گريڊز دستياب نه هوندا. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته سپورٽ ختم ٿيڻ بعد پراڻي سسٽم ۾ وائرس ۽ ميل ويئر جا خطرا وڌي ويندا، جنهن سبب صارفين کي پنهنجو آپريٽنگ سسٽم اپڊيٽ ڪرڻ يا نئين ورزن ڏانهن منتقل ٿيڻ جي ضرورت پوندي. ياد رهي ته ونڊوز 10 گذريل هڪ ڏهاڪي کان ذاتي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ آپريٽنگ سسٽم رهيو آهي.