پاڪستان هڪ ٻيو اهم سائنسي سنگ ميل عبور ڪرڻ جي ويجهو آهي، جتي قومي خلائي اداري سپارڪو جي قيادت ۾ تيار ڪيل جديد هائپر اسپيڪٽرل سيٽلائيٽ کي آڪٽوبر 2025 ۾ خلا ۾ اماڻڻ جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي۔ ماهرن جو چوڻ آهي ته هي سيٽلائيٽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان گڏ زرعي ترقي، معدني وسيلن جي ڳولا، ٻوڏن جي نگراني، گليشيئرز جي پگهرجڻ ۽ فضائي آلودگي جي جائزي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو۔ سپارڪو جي چيئرمين محمد يوسف خان هڪ ورڪشاپ جي افتتاحي تقريب ۾ چيو ته هي جديد سيٽلائيٽ معدنيات، ٻوٽن، مٽي ۽ پاڻي جي معيار بابت صحيح انگ اکر فراهم ڪندو، جنهن جي ذريعي ڪيترن سالن ۾ مڪمل ٿيندڙ سروي هاڻي ڪجهه ڏينهن ۾ مڪمل ٿي سگهندي۔ هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو اهو قدم قدرتي وسيلن جي موثر ۽ پائيدار استعمال لاءِ اهم آهي، اها ٽيڪنالاجي پاليسي ٺاهيندڙن ۽ محققن کي وقتائتو ۽ شاهدي تي ٻڌل فيصلا ڪرڻ ۾ مدد ڪندي، جيڪو ملڪ جي معاشي ۽ ماحولياتي ترقي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو۔
