نواب ثابقي ڳوٺ ڀرسان قبائلي تڪرار تي رڻ ٻري ويو، فيصلي بعد واپسي تي هٿياربندن پنجاهه ورهين جي پيرسن کي قتل ڪري ڇڏيو

نوشهروفيروز ڀرسان ڳوٺ نواب ثابقي جو رهواسي، پنجاهه ورهين جو پيرسن علي گل چانڊيو نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو. واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن مقتول قبائلي تڪرار جي فيصلي کان واپس اچي رهيو هو. وارثن موجب، اٽڪل ٻه سال اڳ ڦر دوران غلام مصطفيٰ چانڊيو قتل ٿي ويو هو، جنهن جو فيصلو اڄ چانڊيا برادري جي سردار بزرگان خان چانڊيو وٽ ٿيو. فيصلي کان پوءِ جڏهن ڌريون پنهنجي ڳوٺن ڏانهن واپس موٽي رهيون هيون، تڏهن واٽ تي بيٺل پنج هٿياربند ماڻهن پاران علي گل چانڊيو تي فائرنگ ڪئي وئي. حملو ڪندڙن کيس منهن سميت جسم جي مختلف حصن تي گوليون هڻي موقعي تان فرار ٿي ويا. مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال مورو منتقل ڪيو ويو. وارثن طرفان الزام لڳايو ويو ته قتل ڪندڙن جو تعلق مخالف ڌر سان آهي، جن فيصلي باوجود بدلي وٺڻ لاءِ هن حملي جو رٿابندي سان بندوبست ڪيو. متاثر خاندان پاران تڪ جي ايم پي اي ۽ سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن جي گرفتاري يقيني بڻائي وڃي.

پنھنجي راءِ لکو