شاهي عدالت موجب شيخ صالح بن حميد جي مقرري اڳوڻي مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز بن عبدالله آل شيخ جي لاڏاڻي کان پوءِ عمل ۾ آندي وئي آهي. شيخ صالح بن حميد 1950ع ۾ سعودي عرب جي صوبي قصيم جي شهر بريده ۾ پيدا ٿيو. هن ننڍي عمر ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪيو ۽ شروعاتي تعليم بريده ۾ حاصل ڪئي، جڏهن ته ثانوي تعليم مڪه مڪرمه ۾ مڪمل ڪئي. هن جامعه ام القري مان شريعت ۾ بي اي، پوءِ فقه ۽ اصول الفقه ۾ ايم اي ۽ بعد ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. شيخ صالح سعودي عرب جي تاريخ ۾ پهريون اهڙو امام آهي جنهن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري سان گڏ 1403 هجري ۾ مسجد الحرام ۾ امامت جو اعزاز حاصل ڪيو. 1984ع کان وٺي هو خانه ڪعبه جي امام جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. کيس حج دوران ميدان عرفات جي مسجد نمره ۾ خطبو ۽ امامت ڪرڻ جو به اعزاز حاصل آهي. هاڻي کيس سعودي عرب جي سڀ کان وڏي ديني وفقهي منصب تي مقرر ڪيو ويو آهي. سندس ذميوارين ۾ عالمن جي سينئر ڪونسل ۽ مستقل ڪميٽي اسلامي تحقيق جي سربراهي، مذهبي وفقهي رهنمائي، اهم مسئلن تي فتويٰ ڏيڻ ۽ ديني بيانن کي منظم ڪرڻ شامل هوندو.