ڪراچي ۾ اي ٽي سي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران جوابدار سليم خلاف بارودي مواد ۽ هٿيار رکڻ جا الزام ثابت ٿيا. عدالت کيس مجموعي طور 114 سال قيد ۽ گڏيل طور ڏيڍ لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائيندي ضمانت رد ڪري جيل اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پراسيڪيوشن موجب جوابدار کي اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ (ايس آءِ يو) پوليس ماڙيپور ٿاڻي جي علائقي مان گرفتار ڪيو هو. سندس قبضي مان هڪ دستي بم، آوان، لانچر ۽ غيرقانوني هٿيار هٿ ڪيا ويا هئا. استغاثه موجب جوابدار سليم جاچ دوران ڀارتي ڳجهي ايجنسي را سان لاڳاپن جو اعتراف ڪيو. هن ٻڌايو ته 2012ع کان 2014ع جي وچ ۾ هن ٽي ڀيرا ڀارت جو سفر ڪيو هو. مزيد جاچ ۾ ظاهر ٿيو ته جوابدار 1989ع ۾ ڀارت کان غيرقانوني طريقي سان پاڪستان آيو ۽ جعلسازي سان پاڪستاني دستاويز ۽ پاسپورٽ حاصل ڪيا. هن ٻڌايو ته هو ڀارت جي شهر گجرات ڀوڄ ۾ رڪشه هلائيندو هو. پوليس موجب جوابدار جي قبضي مان 4 پاڪستاني پاسپورٽ به هٿ ڪيا ويا هئا.
