پريالوءِ: شاهين پبلڪ ايليمينٽري اسڪول ۾ سيرت النبي ﷺ تي شاندار تقريب

شاهين پبلڪ ايليمينٽري اسڪول پريالوءِ ۾ هڪ روحانيت سان ڀرپور پروگرام ٿيو، جنهن جي صدارت استاد اسد ﷲ سومرو ڪئي۔ تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو، ان کان پوءِ شاگردن ۽ استادن پنهنجي پيارن نبي حضرت محمد ﷺ جي شان ۾ نعتون پيش ڪري محفل کي رونق بخشي۔ شاگردن حضور ﷺ جي زندگي ۽ سيرت بابت تقريرون ڪندي چيو ته مسلمانن لاءِ وڏو اعزاز آهي ته هو نبي آخرالزمان ﷺ جا امتي آهن۔ استادن خطاب ڪندي چيو ته اهڙين سرگرمين سان نه صرف شاگردن ۾ حضور ﷺ جي زندگيءَ بابت ڄاڻ وڌندي پر سندن اندر اعتماد ۽ تقرير ڪرڻ جي صلاحيت ۾ به واڌارو ٿيندو۔ تقريب جي آخر ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي حوصلا افزائي طور انعام پڻ ڏنا ويا، جڏهن ته محفل جو اختتام دعاءِ خير سان ڪيو ويو۔