ڪشمور ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل فنڊ ڪرپشن جي ور، متاثر غريب اڃا به بي گهر

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ڪشمور ضلعي ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل فنڊ ڪرپشن جي ور چڙهي ويا، جنهن سبب مسڪين ماڻهو اڄ به بي گهر آهن، جڏهن⁠ته هينڊز ادارو متاثرن جا نالا لسٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ رشوت وٺڻ ۾ مصروف آهي۔ تفصيل موجب، ضلعي ۾ ٻوڏ متاثرن جي گهر گهر سروي فوج جي نگراني ۾ مڪمل ڪئي وئي هئي، پر بدقسمتي سان يوسي بڊاڻي شهر لاءِ آيل پئسن ۽ امداد جي ورڇ ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ۽ بدانتظامي سامهون آئي آهي۔ مقامي ماڻهن جي شڪايتن مطابق، هينڊز اين جي اوز جا آفيسر، خاص طور تي صدام حسين چاچڙ، رشوت وٺڻ کي معمول بڻائي ڇڏيو آهي۔ متاثرن جا نالا لسٽ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ 8 هزار کان 10 هزار روپيا رشوت ورتي پئي وڃي۔ غريب متاثر ماڻهو آفيسرن جي آفيسن جا چڪر ڪٽي ٿڪجي پيا آهن پر سندن ٻڌڻ وارو ڪوبه ناهي۔ مقامي ماڻهن ۽ متاثرن اعليٰ اختيارين ۽ سرڪار کان پرزور اپيل ڪئي آهي ته فوري نوٽيس وٺي هينڊز جي بدعنوان آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ امدادي رقم کي شفاف طريقي سان ورهايو وڃي۔