سنڌو درياءَ ۾ وڌندڙ ٻوڏ، ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ، فصل تباه، متاثرن جي لڏپلاڻ جاري

سنڌو درياءَ ۾ ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جي آمد ۾ لڳاتار اضافي سبب وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار آهي، جتي گذريل 24 ڪلاڪن دوران 12 هزار ڪيوسڪ واڌ سان وهڪرو 4 لک 20 هزار ڪيوسڪ تائين پهچي ويو آهي. فلڊ فور ڪاسٽنگ ڊويزن لاهور موجب منگلا ڊيم ۾ به پاڻي جي آمد ۾ واڌ ٿي آهي، جڏهن ته ٻين درياهن جي صورتحال معمول تي اچي وئي آهي. ڪوٽڙي بيراج تي ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٺٽي ضلعي جي ڪچي وارن علائقن ۾ سوين ايڪڙن تي پوکيل چانور، ڪپهه، ڪيلا ۽ پپيتي جا فصل تباه ٿي ويا آهن، جڏهن ته متاثر رهواسي حفاظتي بندن ۽ محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن. ڄامشوري جي انڙپور، يوسي شاهه اويس ۽ ڪچي جي ڳوٺن ۾ پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو آهي، ساڳي طرح نوابشاهه جي سڪرنڊ ۽ مڊمنگلي بندن وٽ به ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. سجاول ضلعي ۾ به حفاظتي بندن تي ٻوڏ جي صورتحال برقرار آهي، جتي ضلعي انتظاميه پاران خيما لڳائي متاثرن لاءِ امدادي انتظام ڪيا ويا آهن. ٻئي پاسي، پنجاب ۾ چناب ۽ ستلج درياهن مان آيل ٻوڏ سبب جلالپور پير والا جا ڪيترائي ڳوٺ اڃا تائين پاڻي هيٺ آهن، جڏهن ته اُچ شريف روڊ تي رهندڙ متاثر پنهنجي گهرن ڏانهن واپسي لاءِ پاڻي لهڻ جي انتظار ۾ آهن. رحيم يار خان، بهاوالپور ۽ بهاوالنگر ضلعن جو وڏو حصو ٻوڏ سبب متاثر ٿيو آهي، جتي بندن جي مرمت جو ڪم جاري آهي ۽ نقصانن جي سروي شروع ڪئي وئي آهي.