ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) غوثپور ڀرسان جمال ٿاڻي جي حد ۾ چولياڻي ۽ ملڪ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پنجن سالن کان جاري خوني تڪرار جو نبيرو ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ ٿي ويو. نبيرو علائقي جي چيف سردار مير عابد خان سندراڻي جي سرپئنچي هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين کي آمهون سامهون ويهاري صلح جو اعلان ڪيو ويو. تفصيل موجب، في خون جي بها 25 لک رپيا ۽ زخمين جو ڏنڊ 30 هزار کان وٺي ڏيڍ لک رپيا تائين مقرر ڪيو ويو. مجموعي طور تي چولياڻي برادري مٿان ٽن ملڪن ۽ هڪ بجاراڻي جي قتل ۽ زخمين جو الزام ثابت ٿيڻ تي هڪ ڪروڙ 20 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. ان مان پنج لک رپيا ٿڏي تي ادا ڪيا ويا، جڏهن ته باقي رقم قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي. ساڳئي وقت ملڪ برادري تي مقتول اڪبر چولياڻي جي خون جي بها 37 لک رپيا رکيا ويا، جڏهن ته اڳرائي ڪندڙ ڌر تي 50 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. ياد رهي ته پنج سال اڳ زمين جي تڪرار تان ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو هو، جنهن دوران استاد راڻو ملڪ، بابو ملڪ، جاويد ملڪ، اڪبر چولياڻي ۽ هڪ واھڙو عبدالتقي بجاراڻي مارجي ويا هئا، جڏهن ته ملڪ برادري جا ست کان وڌيڪ ماڻهو، جن ۾ ٻه عورتون به شامل هيون، زخمي ٿيا هئا. نبيري ۾ علائقي جي ڪيترن ئي معززن ۽ سردارن شرڪت ڪئي جن ۾ سيد محمد شاه، سيد بشير احمد شاه، سردار لياقت ملڪ، عبدالرزاق چولياڻي، مير زرياب خان بجاراڻي، رئيس ظفر ڀيو ۽ ٻيا شامل هئا. فيصلي جي اعلان کان پوءِ ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون ۽ علائقي ۾ صلح ۽ امن قائم ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو ويو.