سکر: 6 ورهين جي گم ٿيل نينگري فضا شيخ جو لاش هٿ، 3 ڄڻا گرفتار

سکر (اسٽاف رپورٽر) سکر جي قريشي ڳوٺ مان ڪجهه ڏينهن اڳ گم ٿيل معصوم نينگري فضا شيخ جو لاش هٿ اچي ويو آهي۔ پوليس موجب 6 ساله فضا شيخ جو لاش ڳوٺ ويجهو هڪ ڊيڪوريشن دڪان جي ٽئنڪي مان مليو۔ اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ دڪان جي مالڪ سميت ٽن ڄڻن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري ورتو۔ پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي۔ معصوم ٻارڙي جي قتل واري خبر تي علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي ۽ ڳوٺ ۾ سوگ وارو ماحول ڇانيل آهي۔

پنھنجي راءِ لکو