حيدرآباد ويجهو سکر ايڪسپريس جي ٽن بوگين پٽڙي کان لهي ويون، ريلن جي آمد و رفت معطل

حيدرآباد ۾ سکر کان ڪراچي ويندڙ ريل سکر ايڪسپريس وڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي، جڏهن ٽرين جون ٽي بوگيون اوچتو پٽڙي کان لهي ويون، جنهن سبب مين ڊائون ٽريڪ مڪمل طور بند ٿي ويو. حادثي سبب ريلن جي آمد و رفت معطل ٿي وئي ۽ ڪيترائي مسافر سخت خوف ۽ حراس ۾ مبتلا ٿي ويا. حادثي جي وقت بوگين ۾ ويٺل ۽ ستل مسافر برٿن تان ڪري پيا، جن مان ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا، جڏهن ته ٻيا مسافر وڏي پريشاني ۽ ڏهڪاءُ جو شڪار ٿيا. ريلوي انتظاميه مطابق حادثي کان پوءِ بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ ٽي بوگيون پٽڙي تي واپس رکڻ ۾ لڳ ڀڳ چار ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا. حادثي جي ڪري پنجاب کان ڪراچي ايندڙ 4 کان وڌيڪ ٽرينن کي مختلف اسٽيشنن تي روڪيو ويو آهي، جنهن سبب مسافرن کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. ريلوي ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل برساتن جي ڪري ريلوي ٽريڪ ڪيترن ئي هنڌن تي پاڻي هيٺ اچي ويا هئا ۽ ٽريڪ ڪمزور ٿي ويو هو، جنهن سبب اهڙا حادثا پيش اچي رهيا آهن. انتظاميه حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.