دبئي: ايشيا ڪپ جي فائنل کان پوءِ ٽرافي ڏيڻ جي تقريب ۾ وڏي تڪرار سامهون آيو، جتي انتظاميه ٽرافي فاتح ٽيم کي ڏيڻ بدران پاڻ سان کڻي وئي ۽ تقريب بنا ٽرافي ئي ختم ڪئي وئي. ذريعن موجب ڀارتي ٽيم اسٽيج تي بيٺي انتظار ڪندي رهي پر ٽرافي نه ملي، هاڻ ممڪن آهي ته ڀارتي ٽيم کي ٽرافي نه ڏني وڃي. انتظاميه ٽرافي کي واپس کڻي وئي آهي. ان سان گڏوگڏ ڀارتي ٽيم کي نه ته ميڊيا بورڊ مليو ۽ نه ئي “چيمپين بورڊ”، جنهن سبب رانديگرن کي بغير ٽرافي ۽ بورڊ جي تصويرون ڪڍرائڻيون پيون واضح رهي ته ڀارتي بورڊ جي هدايت تي ڀارتي ٽيم صدر ايشين ڪرڪيٽ ڪونسل (اي سي سي) محسن نقوي کان ٽرافي وٺڻ کان انڪار ڪيو. محسن نقوي به پنهنجي موقف تي ڄميل رهيو، جنهن سبب تقريب ۾ ڏيرائي به ٿي ۽ آخرڪار ميزبان سائمن ڊول اعلان ڪيو ته ڀارتي ٽيم اڄ ٽرافي وصول نه ڪندي. ياد رهي ته ايشيا ڪپ جي دوران ڀارتي ٽيم راندين جي اسپرٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستاني رانديگرن سان هٿ ملائڻ کان انڪار ڪيو ۽ فائنل کان اڳ ڀارتي ڪپتان پاڪستاني ڪپتان سان گڏ فوٽو سيشن ۾ به شامل نه ٿيو.