ڄامشورو: سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي چيئرمين پرويز احمد خلاف مبينا طور اربين روپين جي ڪرپشن جي الزام هيٺ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. مليل ڄاڻ موجب، سال 2025-26ع جي تعليمي سال لاءِ ڪتابن جي ڇپائي، بائنڊنگ ۽ فراهمي ۾ مالي بي ضابطگيون، اختيارن جي ناجائز استعمال، سيپرا رولز جي ڀڃڪڙي، من پسند پبلشرن کي ٺيڪا ڏيڻ ۽ بغير ٽينڊر حڪم جاري ڪرڻ جا انڪشاف سامهون آيا آهن. ان عمل سبب هزارين ٻار مفت ڪتابن کان محروم ٿيا، جيڪو آئين جي آرٽيڪل 25 جي ڀڃڪڙي آهي. اينٽي ڪرپشن چيئرمين پرويز احمد کي نوٽيس جاري ڪندي 2025-26ع جي سموري خريداري جو رڪارڊ مهيا ڪرڻ لاءِ چيو آهي. نوٽيس ۾ انوائيٽنگ ٽينڊر، بڊ ڊاڪيومينٽ، ايوليوايشن رپورٽون، سڀني ورڪ آرڊرن، پبلشرن جا بڊ سيڪيورٽي ڊپازٽس، لاڳاپيل بينڪ اسٽيٽمينٽس، مارڪيٽ رائلٽي، ڊليوري چالان، ڊسپيچ نوٽس ۽ ٽي اي اوز ۽ ڊي اي اوز کان صحيح ٿيل دستاويز گهريا ويا آهن. ان کانسواءِ، خريداري ڪميٽي جي نوٽيفڪيشن، ميمبرن جا نالا، گڏجاڻين جا وقت، ڪميٽي جي موقعي تي دوري جون تصويرون ۽ ثبوت پڻ پيش ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. اينٽي ڪرپشن ادائگين جو تفصيلي رڪارڊ ۽ لاڳاپيل بئنڪ اسٽيٽمينٽس به طلب ڪيا آهن. ادارو خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن رڪارڊ جمع نه ڪرايو ويو ته چيئرمين ۽ لاڳاپيل آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي، فنڊن جي جاچ ۽ اڪائونٽن جي فريزنگ ٿي سگهي ٿي. ان معاملي بابت بار بار رابطو ڪرڻ باوجود چيئرمين پرويز احمد ڪال اٽينڊ نه ڪئي. جڏهن ته سيڪريٽري نصرت پروين سهتو ۽ ترجمان خالد آزاد اهڙي معاملي جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اينٽي ڪرپشن طرفان ڪا به جاچ شروع نه ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي بورڊ کي ڪو نوٽيس مليو آهي.