ان پهرين ترجيح هئڻ گهرجي، ڇاتي جي سرطان کي هلڪو نه وٺو: آصفه ڀٽو

ڇاتي جي سرطان بابت آگاهي جي مهيني جي آغاز تي خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري عورتن تي زور ڏنو آهي ته هو پنهنجي صحت کي پهرين ترجيح ڏين ۽ هن بيماري کي هرگز نظرانداز نه ڪن۔ ايون صدر موجب آصفه ڀٽو پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ۾ ڇاتي جو سرطان عورتن ۾ سڀ کان وڌيڪ عام مرض آهي ۽ هر نَو مان هڪ عورت ان جو شڪار ٿئي ٿي۔هن چيو ته بروقت تشخيص ۽ علاج سان بقا جي شرح 90 سيڪڙو تائين وڌائي سگهجي ٿي۔ خاتون اول عورتن کي تلقين ڪئي ته هو باقاعدي سان پاڻ جو معائنو ڪن، 30 ورهين جي عمر کانپوءِ ڪلينڪل چيڪ اپ ڪرائن ۽ 40 ورهين کانپوءِ ميموگرافي لازمي ڪرائن، جڏهن ته ڪنهن به غير معمولي علامت تي فوري طور ڊاڪٽر سان رجوع ڪن۔هن صحت مند طرزِ زندگي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته مختلف ادارا، ڊاڪٽر، نرسون ۽ ڪميونٽي گروپ هن حوالي سان آگاهي ۽ مدد فراهم ڪري رهيا آهن، جيڪي قابلِ تحسين آهن۔ آصفه ڀٽو زرداري چيو ته خاندان ۽ سماج عورتن سان گڏ بيهن ته جيئن کين بروقت علاج ۽ سهولتون ملي سگهن۔

پنھنجي راءِ لکو