پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته صوبي ۾ سفارش ۽ ڌانڌلي کي مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي هر نوجوان کي پنهنجي قابليت ۽ محنت جي بنياد تي اڳتي وڌڻ جا موقعا ملندا.لاهور ۾ يونيورسٽي آف هوم اڪنامڪس ۾ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردياڻين جي اعزاز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته پنجاب جي تعليمي ادارن ۾ هاڻي نه پوزيشن وڪرو ٿيندي ۽ نه ئي ميرٽ جي بي عزتي ٿيندي. هن جو چوڻ هو ته “مان عوام مان احساس محرومي ختم ڪرڻ چاهيان ٿي، ۽ نوجوانن کي انهن جي حقيقي محنت جو صلو ملندو.”وزيراعليٰ ٻڌايو ته صوبي جي 50 هزار کان وڌيڪ اسڪولن ۾ لکين ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ حڪومت هوشيار شاگردياڻين کي ليپ ٽاپ ڏئي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ 80 هزار شاگرد اسڪالرشپ تي اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ حڪومت هاڻي فوڊ سيڪيورٽي کان پوءِ “ايجوڪيشن سيڪيورٽي” تي به خاص ڌيان ڏئي رهي آهي.مريم نواز پنهنجي انتظامي پاليسي بابت به ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن به سرڪاري آفيسر جي مقرري کان اڳ هو پاڻ انٽرويو ڪنديون آهن، ۽ جيڪڏهن پينل ۾ ڪوبه شخص ميرٽ تي پورا نه لهي ته سڄو پينل رد ڪيو ويندو. “اڄ تائين مون ڪنهن به سفارشي کي مقرر نه ڪيو آهي، مون وٽ سفارش لاءِ ڪوبه نه ٿو اچي، ڇو ته سڀني کي خبر آهي ته فيصلو صرف ميرٽ تي ٿيندو آهي،” هن زور ڏنو.تقريب ۾ ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته کين سڀ کان وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي آهي ته پنجاب جون ڌيئرون پٽن کان وڌيڪ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارين پيون. “مون کي خوشي آهي ته اسان جي ٻارن جا خواب ننڍا نه آهن، بلڪه آسمانن تائين پهچڻ وارا آهن.”وزيراعليٰ واضح ڪيو ته هو سرڪاري اسڪولن کي نجي ادارن جي برابر نه پر انهن کان به وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهين ٿيون. “اسان چاهيون ٿا ته هر ٻار، ڀلي غريب هجي يا امير، هڪجهڙي معياري تعليم حاصل ڪري.”
