بالي ووڊ جي مشهور ۽ مقبول جوڙي ايشوريا راءِ بچن ۽ اڀيشيڪ بچن يوٽيوب ۽ ان جي پيرنٽ ڪمپني گوگل خلاف دبئي هاءِ ڪورٽ ۾ 4 ڪروڙ ڀارتي روپين جو هرجاڻي ڪيس داخل ڪيو آهي.هي قانوني قدم ان وقت کنيو ويو جڏهن ٻنهي جي جعلي اي آءِ سان ٺهيل ڊيپ فيڪ وڊيوز يوٽيوب تي وائرل ٿيون، جيڪي سندن چوڻ موجب نه صرف سندن نجي زندگي تي حملو آهن پر سندن عزت ۽ ساک کي به شديد نقصان پهچايو آهي. ايشوريا ۽ اڀيشيڪ جو موقف آهي: “اهڙي جعلي ۽ غيراخلاقي وڊيوز اسان لاءِ ذهني اذيت جو سبب بڻيون ۽ شخصي حقن جي سڌي ڀڃڪڙي آهي.”جوڙي پنهنجي درخواست ۾ يوٽيوب کان مطالبو ڪيو آهي ته جعلي وڊيوز کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي ۽ مستقبل ۾ اهڙي نوعيت جي مواد تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي. گڏوگڏ عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته يوٽيوب کي اهڙا قدم کڻڻ گهرجن، جيئن سندن تصويرون يا وڊيوز ڪنهن به اي آءِ ماڊلز جي تربيت لاءِ استعمال نه ٿين.درخواست سان گڏ سوين وڊيوز ۽ اسڪرين شاٽس ثبوت طور پيش ڪيا ويا آهن، جن ۾ مبينه طور تي هٿ ٺوڪيو ۽ غيراخلاقي مواد شامل آهي. عدالت شروعاتي طور تي ايشوريا ۽ اڀيشيڪ جي شخصي حقن جي تحفظ لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ايندڙ ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.قابل ذڪر ڳالهه اها آهي ته يوٽيوب اڳ ۾ به اهڙن ڪيسن جو منهن ڏسندو رهيو آهي. گذريل هفتي ئي ڪمپني کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان معاملي ۾ وڏي رقم ادا ڪرڻي پئي، جڏهن 6 جنوري 2021 جي هنگامن کان پوءِ ٽرمپ جو اڪائونٽ معطل ٿيڻ تي هن ڪمپني خلاف ڪيس ڪيو هو.هاڻ سڀني جون نظرون دبئي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي آهن، جيڪو نه صرف بالي ووڊ جي هن وڏي جوڙي لاءِ اهم آهي پر مستقبل ۾ ڊيپ فيڪ ۽ اي آءِ تي ٻڌل جعلي مواد خلاف عالمي سطح تي به نئون مثال قائم ڪري سگهي ٿو.
