حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري طور تي امداد گهرڻ بدران پنهنجي وسيلن سان معاملا سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي; محمد اورنگزيب

پشاور پشاور ۾ بزنس ڪميونٽي سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير ٻڌايو ته ايندڙ سال جو بجيٽ صرف ٽيڪس گڏ ڪرڻ واري ايف بي آر نه پر ٽيڪس پاليسي آفيس تيار ڪندي ۽ اهو هڪ “مستحڪم بجيٽ” هوندو.هن زور ڏنو ته ملڪ جي ترقي لاءِ پرائيويٽ سيڪٽر کي اڳتي آڻڻ ضروري آهي:”جيڪڏهن ريگوليٽري لاڳاپيل قيمتون گهٽايون ته انڊسٽريز هلنديون ۽ ماڻهن جو اعتماد معيشت تي وڌندو.”محمد اورنگزيب ٻڌايو ته گذريل هفتن ۾ چين، سعودي عرب ۽ آمريڪا جا اهم دورا ڪيا ويا، جتي 24 کان وڌيڪ معاهدا ٿيا. هن وضاحت ڪئي ته هاڻي ڳالهه صرف امداد جي نه پر واپار ۽ سرمائيڪاري جي آهي، جيڪا معيشت لاءِ وڌيڪ فائدي واري هوندي.هن چيو ته پاڪستان کي ٻن وڏن چيلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي: موسمياتي تبديلي ۽ تيزيءَ سان وڌندڙ آبادي. “اسان جي ٻارن جو وڏو حصو غذائي کوٽ جو شڪار آهي، تنهن ڪري پاليسين ۾ ان کي خاص ترجيح ڏيڻ ضروري آهي.”ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي چڪو آهي، گذريل سال ناڻي جي مٽاسٽا 3 ڪروڙ ڊالر هئي، جيڪا هن سال وڌيڪ وڌڻ جي اميد آهي. ان کان علاوه نجڪاري جي عمل کي به وڌيڪ شفاف ۽ تيز بڻايو پيو وڃي، جيئن حقيقي سرمائيڪاري جا نتيجا ملي سگهن.

پنھنجي راءِ لکو