اسلام آباد: عدالت پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف توشه خانه ٽو ڪيس ۾ ٽرائل روزاني بنيادن تي هلائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو۔ تفصيل موجب اڊياله جيل ۾ اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي۔ وڪيل صفائي قوثين فيصل مفتي پاران اڄ ملتوي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ مؤقف اختيار ڪيو ويو ته هو سخت بيمار آهن، پر ڪا به طبي دستاويز پيش نه ڪئي وئي۔ عدالت درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي۔ عدالت چيو ته اڄ شاهدن تي جرح ممڪن نه هئي، تنهنڪري ملزمان کي عدالت آڻڻ جي ضرورت نه هئي۔ گذريل ٻڌڻي به وڪيلن جي غير حاضري سبب ملتوي ٿي هئي۔ جج ريمارڪس ڏيندي چيو ته لڳي ٿو ڪيس جي آخري مرحلي ۾ وڪيل صفائي ڪارروائي کي ڊگهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن۔ وڪيلن کي پنهنجي پيشورانه ذميوارين جو احساس ڪندي وڌيڪ سنجيدگي ڏيکارڻ گهرجي، ڇو ته ٻه ملزم جيل ۾ آهن ۽ انصاف جو تقاضو آهي ته فيصلو جلد ڪيو وڃي۔ عدالت واضح ڪري ڇڏيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڪنهن به صورت وڌيڪ ملتوي نه ڪيو ويندو۔ وڌيڪ عدالت حڪم ڏنو ته ڪيس جي ٻڌڻي هاڻي روزاني بنيادن تي جاري رهندي جيستائين مقدمو مڪمل نه ٿي وڃي۔ ٻڌڻي 6 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي شاهد محسن هارون کي پابند ڪيو ويو ته هو مقرر تاريخ تي عدالت ۾ پيش ٿئي۔
