ڪشمور: ضلعي ڪشمور پوليس هڪ ڪامياب ڇاپي واري ڪارروائي دوران سنگين ڏوهن ۾ ملوث چار خطرناڪ ۽ اعلانيل جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
ترجمان موجب گرفتار جوابدارن مان ٻه اڳواٽ قتل، هڪ قتل جي ڪوشش ۽ هڪ ڌمڪائڻ سميت ٻين ڪيسن ۾ روپوش هئا، جيڪي ڊگهي عرصي کان پوليس کي گهربل هئا.اهي ڪارروايون ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو جي هدايتن تي، ايس ڊي پي او ڪنڌڪوٽ فراز علي ميتلو جي نگراني ۽ ايس ايڇ او بي سيڪشن ڪنڌڪوٽ عبدالقادر بنگور جي اڳواڻي ۾ ڪيون ويون. پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي جوابدارن کي گرفتار ڪيوگرفتار ٿيل جوابدارن جا نالا هيٺين ريت آهنارشاد احمد پٽ ٽلڻ باجڪاڻي
غلام شبير پٽ ٽلڻ باجڪاڻيمحمد ابراهيم پٽ عبدالحڪيم باجڪاڻي
صدام پٽ محمد ابراهيم باجڪاڻيپوليس موجب گرفتار جوابدارن جي وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ ۽ ٻين ڏوهن ۾ شموليت جي تصديق لاءِ جاچ جاري آهي ڪشمور پوليس جو چوڻ آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ اهڙيون اثرائتيون ڪارروايون مستقبل ۾ به جاري رهنديون.
