172

انقره: ترڪيه ۾ زلزلي سبب تباهي، اسرائيل مدد جي آڇ ڪري ڇڏي

انقره: ترڪيه ۾ وڏي تباهي آڻيندڙ زلزلي کان پوءِ اسرائيل ترڪيه کي مدد جي آڇ ڪري ڇڏي آهي،پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهين کان پوءِ ترڪيه کي ريسڪيو ڪارروائين جي لاءِ مدد جي آڇ ڪئي آهي.اسرائيلي دفاع واري وزير طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل طرفان دفاع واري وزارت، آءِ ڊي ايف کي انٽرنيشنل ريسڪيو يونٽ تحت ترڪيه کي فوري مدد جي تياري لاءِ هدايت ڪري ڇڏي آهي.اسرائيلي دفاع واري وزير چيو ته ترڪيه کي جهڙي طرح جي مدد گهرجي،اسان جي فورسز ان جي لاءِ پوري طرح تيار آهيون. اسان جو سيڪيورٽي سسٽم اهڙي طرح جي علائقن ۾ پيدا ٿيندڙ بحران کي منهن ڏيڻ جي بهترين صلاحيت رکي ٿو،ٻئي طرف اسرائيلي پرڏيهي وزير ترڪيه ۾ ايندڙ زلزلي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته زلزلي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي ۽ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. اسان پرڏيهي وزارت کي ترڪيه جي مدد لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو