لاڙڪاڻو: پٽن ۽ پيءُ هٿان ماءُ جو مبينا قتل

لاڙڪاڻي جي ڳيريلو ۾ ملڪيت جي مامري تان المناڪ واقعو، جتي پٽن پنهنجي پيءُ سان گڏجي مبينا طور پيرسن ماءُ ضميران جاگيراڻي کي گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.مقتول عورت جي ڌيءَ گل پري الزام لڳايو ته سندس پيءُ سومر ۽ ڀائر نعيم ۽ خان ملڪيت جي لالچ ۾ امڙ کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي.پوليس موجب عورت جي جسم تي تشدد جا واضع نشان نه آهن، حقيقت پوسٽ مارٽم رپورٽ کانپوءِ سامهون ايندي. پوليس عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ۽ الزام هيٺ آيل سومر، نعيم ۽ خان جاگيراڻي کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پنھنجي راءِ لکو