پاڪستان سميت ڪيترن ملڪن ۾ غزه فلوٽيلا جي حمايت ۾ احتجاج، اسرائيل خلاف نعريبازي

پاڪستان سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ غزه فلوٽيلا جي حمايت ۽ اسرائيل خلاف احتجاج جاري آهي.پاڪستان جي شهرن حيدرآباد، سجاول، ميرپورخاص، ملتان، حب، قلات، ڊيره اسماعيل خان، بنون ۽ نوشهره ۾ سياسي ۽ مذهبي پارٽين ريليون ڪڍي اسرائيل خلاف نعريبازي ڪئي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته اسرائيلي جارحيت خلاف عالمي برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري.يورپ ۾ مظاهراپرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اٽلي ۾ غزه فلوٽيلا جي حمايت ۾ هزارين ماڻهو روم جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن ٻاهران گڏ ٿي ويا، جتي 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهن سخت احتجاج ڪيو. اسپين ۾ به هزارين شاگردن مظاهرا ڪري اسرائيلي قدمن جي مذمت ڪئي. يونان ۾ اسرائيلي سفارتخاني جي سامهون شهري وڏي تعداد ۾ احتجاج لاءِ پهتا.ڏکڻ ايشيا ۾ احتجاجبنگلاديش ۾ جمعي نماز جي ادائيگي کان پوءِ وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ اسرائيل خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. يمن جي راڄڌاني صنعا ۾ به هزارين يمني شهرين فلسطين جي حمايت ۽ اسرائيل خلاف مظاهرو ڪيو.برطانيه ۾ صورتحالميٽ پوليس طرفان لنڊن ۾ فلسطين ايڪشن جي مظاهري کي ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي. پوليس بيان جاري ڪندي چيو ته مانچسٽر حملي کان پوءِ سيڪيورٽي خدشا وڌي ويا آهن ۽ مظاهري سبب اهم وسيلا متاثر ٿي سگهن ٿا.

پنھنجي راءِ لکو