موسميات کاتي جو نائون الرٽ: عرب سمنڊ ۾ طوفان “شڪتي” جي پيش قدمي، مهاڻن کي اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ کان روڪ

موسميات کاتي نائون الرٽ جاري ڪندي خبردار ڪيو آهي ته عرب سمنڊ ۾ ٺهيل سامونڊي طوفان “شڪتي” پنهنجي رخ ۾ تبديلي آڻي رهيو آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ اثرانداز ٿي سگهي ٿو.اداري موجب طوفان جو مرڪز هن وقت ڪراچي کان لڳ ڀڳ 700 ڪلو ميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ موجود آهي ۽ گذريل ڇهن ڪلاڪن دوران اهو ڏکڻ اوڀر طرف وڌيو آهي. اڳڪٿي موجب 6 آڪٽوبر تائين طوفان ڏکڻ اوڀر اولهه طرف وڌندو، جنهن کان پوءِ اهو آهستي آهستي ڪمزور ٿيڻ شروع ٿي ويندو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان جي اثر هيٺ سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته سامونڊي هنڌن تي 55 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي تيز هوائون هلڻ ۽ سمنڊ ۾ چاڙهه جو خطرو موجود آهي.ماهيگيرن کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو 5 آڪٽوبر تائين اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن. اداري موجب طوفان جي مرڪز جي چوڌاري هوائن جي رفتار 135 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ تائين پهچي سگهي ٿي، جڏهن ته 5 کان 7 آڪٽوبر دوران سامونڊي لهرون معمولي کان گهڻيون بلند ٿي سگهن ٿيون.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سائيڪلون وارننگ سينٽر ڪراچي طوفان جي صورتحال تي ويجهي نظر رکي رهيو آهي.


پنھنجي راءِ لکو