بلوچستان: ڪورڪي ۾ قبائلين ۽ فتنته الهندستان جي دهشتگردن ۾ جهڙپ، 4 دهشتگرد مارجي ويا

بلوچستان جي ضلعي ڪورڪي ۾ فتنته الهندستان سان لاڳاپيل دهشتگردن پرامن ماڻهن تي حملو ڪيو، جنهن دوران مقامي قبائلين بهادريءَ سان مزاحمت ڪندي وڏو جاني نقصان پهچايو.ذريعن موجب قبائلين ۽ دهشتگردن وچ ۾ چڪرين دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته 2 زخمي ٿيا. مقابلي ۾ هڪ مقامي شهري شهيد ۽ ٻه ڄڻا زخمي به ٿياعلائقي واسين ٻڌايو ته دهشتگرد مسلسل مقامي عورتن کي حراسان ڪندا رهيا. ڪلي آدم زئي ڪور جي عورتن قرآن پاڪ جو واسطو ڏئي دهشتگردن کي علائقو ڇڏڻ لاءِ به چيو، پر انهن مڃڻ کان انڪار ڪيو. ان کان پوءِ قبائلين پنهنجي دفاع لاءِ هٿيار کڻڻ جو فيصلو ڪيو.مقامي قبائلين جو چوڻ آهي ته هو ڪنهن به قيمت تي پنهنجو پرامن علائقو دهشتگردي جي حوالي نه ڪندا. انهن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي عملن مان ظاهر ٿي ويو آهي ته فتنته الهندستان جو اسلام ۽ بلوچ روايتن سان ڪوبه تعلق ناهي.


پنھنجي راءِ لکو