ڪولمبو جي پريماداسا اسٽيڊيم ۾ اڄ ڪرڪيٽ جي دنيا جا روايتي حريف، پاڪستان ۽ ڀارت، آءِ سي سي وومين ورلڊ ڪپ ۾ مدِمقابل ٿيندا.پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جو ڇنڇر وارو پريڪٽس سيشن برسات سبب ملتوي ٿي ويو، پر رانديگرياڻين حوصلو نه هاريو ۽ ان ڊور نيٽس ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ سان گڏ فزيڪل ٽريننگ ڪئي. هيڊ ڪوچ محمد وسيم ۽ ٻين اسٽاف جي نگرانيءَ ۾ ٽيم سخت تياريون جاري رکي.موسميات کاتي موجب ميچ دوران به برسات وقفي وقفي سان جاري رهڻ جو امڪان آهي، جنهن ڪري مقابلو متاثر ٿي سگهي ٿو.واضح رهي ته هڪ ڏينهن جي فارميٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت 11 ڀيرا آمهون سامهون ٿي چڪا آهن، ۽ سڀني ميچن ۾ ڀارت ڪامياب ٿيو آهي.
