پنجاب حڪومت ڪڻڪ کي مرغين جي داڻو ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. صوبائي سطح تي سڀني فيڊ ملز تي ڌارا 144 لاڳو ڪندي حڪم ڏنو ويو آهي ته ڪڻڪ هاڻ صرف فلور ملز ۾ اٽو ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي.سرڪاري بيان موجب هي قدم ڪڻڪ، اٽي ۽ ماني جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيو ويو آهي. پابندي 30 ڏينهن تائين برقرار رهندي، جنهن جو اطلاق 2 نومبر تائين ٿيندو.ترجمان موجب صوبي جي فيڊ ملز وٽ هن وقت هڪ لک ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ جو ذخيرو موجود آهي، جيڪو مرغين جي خوراڪ لاءِ استعمال ٿيڻ وارو هو. پر سيڪريٽري پرائس ڪنٽرول جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪڻڪ انسانن جي بنيادي خوراڪ آهي ۽ ان کي صرف اٽو ٺاهڻ ۾ ئي استعمال ٿيڻ گهرجي.ٻئي طرف ممڪن ڪڻڪ کوٽ جي خدشي سبب وفاقي حڪومت پنجاب کي خط لکي اسٽاڪ جي تفصيل طلب ڪئي آهي. وفاقي وزارت غذائي جو چوڻ آهي ته کوٽ کان بچڻ لاءِ صوبن سان صلاح مشورا جاري آهن ۽ مختلف آپشنز تي غور ڪيو پيو وڃي، جن ۾ ڪڻڪ جي درآمد به شامل آهي.
