ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو سلسلو جاري آهي.ڪراچي ۾ رات دير سان برسات شروع ٿي وئي، نارٿ ڪراچي، نارٿ ناظم آباد، اورنگي ٽائون، ميٽروول، بلديه ٽائون ۽ بفرزون ۾ برسات سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، خاص طور نارٿ ناظم آباد بلاڪ جي ۾ اندھيرو ڇانئجي ويو.لاهور جي مختلف علائقن جهڙوڪ ٽائون شپ، جوهر ٽائون، لنڪ روڊ، ماڊل ٽائون، فيروز پور روڊ، پيڪو موڙ، پنڊي اسٽاپ، قائداعظم انڊسٽريل اسٽيٽ ۽ اڪبر چوڪ ۾ ڪڪر وسڻ بعد برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو. موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران وقفي وقفي سان برسات جاري رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.ان کان سواءِ ملتان، فيصل آباد، جهنگ ۽ لوڌران ۾ به تيز برسات پئي جنهن سبب ڪيترائي روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ بجلي جي فراهمي متاثر ٿي. پاڪپتن، ڪماليه ۽ چيچه وطني ۾ کنوڻ سان گڏ برسات ۽ ڳڙن جو وسڪارو ٿيو، جڏهن ته ٽوبه ٽيڪ سنگهه، چنيوٽ ۽ ڪبير والا ۾ به تيز هوائن سان برسات جاري رهي.خيبرپختونخواهه جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ به برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو. چارسده ۽ شبقدر ۾ رات دير سان هلڪي برسات وسندي رهي، جڏهن ته سوات جي ميداني علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات پئي. مٿانهين علائقن ڪالام ۽ مالم جبه ۾ سياري جي موسم جي پهرين برفباري رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن سان گرمي پد ۾ نمايان گهٽتائي اچي وئي. مانسهره ۽ مظفرآباد ۾ به برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو.
