وزيراعظم شهباز شريف جي ملائيشيا جي دوري دوران ٻنهي ملڪن واپار سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. مشترڪا پريس ڪانفرنس دوران پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وزيراعظمن ٻطرفي تعلقات، علائقائي صورتحال ۽ غزه ۾ جاري تشدد تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو ته هن شهباز شريف سان عالمي ۽ علائقائي معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن. ٻنهي ملڪن غزه ۾ فلسطيني عوام سان گڏجي آواز اٿارڻ ۽ انهن جي پريشانين جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي ڪوششون تيز ڪرڻ جو عزم ورجايو. انور ابراهيم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جا لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل تعاون جاري رهندو، جڏهن ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پائيدار امن ضروري آهي. وزيراعظم شهباز شريف ملائيشيا جي عوام ۽ قيادت طرفان پرجوش استقبال تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته “ملائيشيا اسان لاءِ ٻئي گهر جيان آهي، هتي اچي خوشگوار احساس ٿيو.” هن چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ بهترين ۽ پراڻا لاڳاپا آهن، جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ هٿي وٺندا. شهباز شريف 20 ڪروڙ ڊالر ماليت جي حلال گوشت جي برآمد بابت معاهدي جي آجيان ڪندي چيو ته مستقبل ۾ واپار وڌائڻ لاءِ وڌيڪ موقعا موجود آهن. هن ٻڌايو ته ڪيترائي پاڪستاني شاگرد ملائيشيا ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جا گڏيل منصوبا مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائيندا. پريس ڪانفرنس دوران شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم جي لکيل ڪتاب جي تعريف ڪندي چيو ته اها تصنيف اسلام آباد ۽ ڪوالالمپور جي وچ ۾ فڪري ۽ تهذيبي پل بڻجي سگهي ٿي. تقريب جي پڄاڻي تي وزيراعظم شهباز شريف، انور ابراهيم جي زور ڀرڻ تي علامه اقبال جو شعر به پڙهيو. دوري جي شروعات ۾ ڪوالالمپور پهچڻ تي ميزبان وزيراعظم انور ابراهيم، پنهنجي پاڪستاني هم منصب جو پرجوش استقبال ڪيو. ان موقعي تي ملائيشيا جي هٿياربند فوج جي دستي شهباز شريف کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، جڏهن ته استقباليه تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا.
