پريالوء ڀرسان ڇهه مهينا اڳ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان عابد علي ڦلپوٽو کي زخمي ڪرڻ واري معاملي جو نبيرو ڊي ايس پي منير احمد ڦلپوٽو جي ڳوٺ ۾ ڪيو ويو.فيصلي ۾ فريادي ڌر جا مشير غلام نبي ڦلپوٽو ۽ جوابدار ڌر جا مشير انور مهر شرڪت ڪئي. سرپينچ ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد جوابدار ڌر منير احمد ڪلهوڙو تي 6 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو، جنهن مان هڪ لک روپيو معاف ڪيو ويو.فيصلي کان پوءِ ٻنهي ڌرين فيصلو قبول ڪندي ڀاڪر پائي کير کنڊ ڪيو.
