هٿيار ڦٽا ڪندڙ دهشتگرد سرفراز بنگلزئی وڏو انکشاف ڪندي چيو آهي ته دشمن ملڪن جون ايجنسيون بي ایل اي (بلوچ لبريشن آرمي) کي مالي مدد ۽ فنڊنگ مهيا ڪري رهيون آهن، جنهن سان انهن جي دهشتگرديءَ واري ڪارروائين کي هٿي ملي رهي آهي.سرفراز بنگلزئي موجب، پابندي مڙهيل تنظيمون رتوڇاڻ جهڙا واقعا پاڻ ڪرائي پوءِ انهن جو الزام رياست تي وجهن ٿيون، جنهن جو مقصد عوام ۾ رياست خلاف نفرت ۽ دهشتگرد گروپن لاءِ همدردي پيدا ڪرڻ هوندو آهي. هن ٻڌايو ته ڪيترن ئي علائقن ۾ اهڙا واقعا حقيقت ۾ انهن تنظيمن پاڻ ترتيب ڏنا آهن، جن کان پوءِ ڪوڙو بيانيو ٺاهي عوامي جذبات کي ڀڙڪايو ويندو آهي.سرفراز بنگلزئي وڌيڪ ٻڌايو ته بي ایل اي جهڙين تنظيمن کي پرڏيهي ملڪن مان فنڊنگ ملندي آهي، جتي ويٺل اڳواڻ ٻين ملڪن سان رابطن ذريعي وسيلا فراهم ڪندا آهن. انهن وسيلن ذريعي گروپن جون ڪارروايون ۽ دهشتگرديءَ جا نيٽ ورڪ مضبوط ٿين ٿا.هٿيار ڦٽا ڪندڙ دهشتگرد موجب، ڪجهه دشمن ملڪ ۽ انهن جون خفيه ايجنسيون به سڌي ريت مدد ڪنديون آهن، جڏهن ته انهن گروپن جا سرغنه نوجوانن جي ذهن سازي ڪري، ڪوڙن بيانيائن ۽ غير حقيقي ڳالهين ذريعي عوامي جذبن جو غلط استعمال ڪندا آهن.سرفراز بنگلزئي چيو ته پابندي مڙهيل عناصر مخصوص واقعن کي بگاڙي پيش ڪري رياست کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر حقيقت گهڻو ڪري مختلف هوندي آهي. وقت سان گڏ شاهديون ظاهر ٿي رهيون آهن ته انهن تنظيمن جون ڪارروايون ۽ بيان محض گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا آهن، جن جي پٺيان نه صرف مقامي پر پرڏيهي سهولتڪار به سرگرم آهن۔
