ٺٽي شهر ۾ صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي جي سالي اظهار شاھ شيرازي تي ٿيل جھيڙي ۽ فائرنگ واري واقعي ۽ سندس ملازم راول ملاح جي قتل ڪيس ۾ نئون موڙ اچي ويو آهي۔ پوليس ذريعن موجب سرڪار جي مدعيت ۾ ٺٽو ٿاڻي تي علي دوست مسڻ، سجاد مسڻ، علي حيدر مسڻ، شهباز مسڻ، مير محمد چانڊيو سميت ڇھن ڄڻن خلاف قتل، ڏوهاري ساٿ، رستا روڪ ۽ علائقي ۾ خوف هراس پيدا ڪرڻ جا الزام لاڳو ڪندي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي۔پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس فائرنگ ۽ قتل واري واقعي جي وڌيڪ جاچ دوران داخل ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ گرفتارين جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔ هن وقت ٺٽي شهر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي۔ٻئي پاسي، فائرنگ ۽ راول ملاح جي قتل جا سي سي ٽي وي فوٽيجز به هٿ اچي ويا آهن۔ فوٽيجز ۾ صاف ڏسي سگهجي ٿو ته هٿياربند جوابدارن گاڏي روڪي منهن ماري ڪئي، جنهن بعد جڏهن گاڏي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي۔فائرنگ کان پوءِ جوابدار ٺٽي جي مين اسٽاپ تي کليل عام هٿيارن جي نمائش ڪندا نظر اچن ٿا ۽ پوءِ هڪ ڪار ۽ مختلف موٽر سائيڪلن تي سوار ٿي فرار ٿي وڃن ٿا۔پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته فوٽيجز جي مدد سان جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ جاچ تيزي سان جاري آهي، ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جلد ذميوارن کي گرفتار ڪندا۔
