امير بالاج قتل ڪيس جو مک جوابدار طيفي بٽ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، جوابدار کي انٽرپول جي مدد سان دبئي مان گرفتار ڪري ڪراچي آندو ويو هو.تفصيل موجب مقابلو رحيم يار خان ضلعي جي علائقي ڪوٽ سبزل ۾ پيش آيو. سي سي ڊي ذريعن مطابق طيفي بٽ کي جاچ لاءِ سڌي رستي ڪراچي کان لاهور منتقل ڪيو پئي ويو، ته واٽ ۾ جوابدار جي ساٿين پوليس وين تي حملو ڪري ڇڏيو.پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ طيفي بٽ مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا. پوليس علائقي کي گهيري ۾ وٺي فرار ٿيل جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.
