ذهبي جماعت طرفان احتجاج جي سڏ بعد جاڙن شهرن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ٻئي ڏينهن به معمول واري زندگي سخت متاثر رهي، رستن جي بندش سبب واپاري سرگرميون مڪمل طور معطل آهن۔راولپنڊي ايڪسپريس وي، فيض آباد ۽ آءِ جي پي روڊ مڪمل طور تي بند آهن، جڏهن ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد کي ملائيندڙ فيض آباد انٽرچينج به سيل آهي۔ ان سان گڏ کهٽه پل، ڪري روڊ ۽ ڍوڪ ڪالا خان جا رستا پڻ اڃا تائين بند آهن۔وارث خان، ڪميٽي چوڪ، سڪسٿ روڊ، شمس آباد ۽ ايران روڊ سميت ڪيترن ئي اهم رستن تي به آمد و رفت بند آهي۔ راول روڊ، شاهين چوڪ، صدر ۽ پراڻي ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ رستا پڻ مڪمل طور تي سيل ڪيا ويا آهن۔اسلام آباد ۾ داخلا جا مختلف رستا ڪنٽينرز لڳائي بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ريڊ زون کي مڪمل طور تي سيل ڪيو ويو آهي۔ صرف مارگله روڊ تي ٽريفڪ جي اجازت آهي۔انتظاميه پاران شهر ۾ هيوي ٽريفڪ جي داخلا تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته ايئرپورٽ ويندڙ رستن کي به ڪنٽينرز لڳائي بند ڪرڻ سبب اڏامن ۾ دير ٿي رهي آهي۔ جاڙن شهرن ۾ انٽرنيٽ سروس ٻئي ڏينهن به معطل آهي ۽ تعليمي ادارا به بند آهن۔امڪاني احتجاج کي نظر ۾ رکندي ميٽرو بس سروس به ٻئي ڏينهن تائين معطل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فيض آباد تي پوليس جي ڳري نفري مقرر آهي ۽ سمورن هوٽلن کي سيل ڪيو ويو آهي۔
