پيروسڻ حادثو گھر جي ڇت ڪرڻ سبب ٽي پورهيت فوت، ٻه زخمي


ٺري ميرواھ ويجهو ڇت ڪرڻ سبب ٽي مزدور فوت، ٻه زخمي ٺري ميرواھ — پيروسڻ ڀرسان ڳوٺ ڪورڪي حاجاڻا ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب مزدوري ڪندڙ ٽي ڄڻا فوت ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا۔فوتين ۾ محمد اقبال بڙدي، شاھ محمد بڙدي ۽ ربنواز بڙدي شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ روشن بڙدي ۽ ملازم لاشاري شامل آهن۔حادثي کانپوءِ فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ٺري ميرواھ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته زخمين جو علاج جاري آهي۔عيني شاهدن موجب پنجئي مزدور ڳوٺ ڪورڪي حاجاڻا ۾ ٻه ماڙ جڳھ تي ڪم ڪري رهيا هئا ته ڇت ڪرڻ سبب حادثو پيش آيو۔فوت ٿيلن جا لاش گهر پهچڻ تي علائقي ۾ قهرام مچي ويو ۽ سوڳوار ماحول ڇانئجي ويو۔


پنھنجي راءِ لکو