سموري دنيا ۾ آزاد صحافت لاءِ قربانيون ڏيندڙ 7 بهادر صحافين کي سال 2025 جي ورلڊ پريس فريڊم هيروز ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي۔نامزد ڪيل صحافين ۾ فلسطين جي شهيد صحافيه مريم ابودقه پڻ شامل آهي، جنهن کي اسرائيلي فوج 25 آگسٽ 2025 تي غزه ۾ ان وقت شهيد ڪيو، جڏهن هو جنگ جي ميدان ۾ پنهنجون صحافتي ذميواريون نڀائي رهي هئي۔انٽرنيشنل پريس انسٽيٽيوٽ (IPI) طرفان جاري ڪيل بيان موجب، اهو اعزاز انهن صحافين کي ڏنو ويندو جيڪي سچ ڳالهائڻ، حقيقتون ظاهر ڪرڻ ۽ عوام جي آواز بڻجڻ لاءِ پنهنجون حياتيون قربان ڪن ٿا۔اهي ايوارڊ 24 آڪٽوبر تي آسٽريا جي راڄڌاني ويانا ۾ اداري جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي هڪ خصوصي تقريب ۾ پيش ڪيا ويندا۔فلسطيني شهيد مريم ابودقه ۽ يوڪرين جي وڪٽوريه روشچينا ٻئي انهن بهادر عورتن مان آهن جن جنگ سٽيل علائقن ۾ سچائي جي ڳولا ۾ پنهنجون حياتيون قربان ڪيون۔مريم ابودقه جي شهادت فلسطيني صحافت ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي، جتي صحافي قابض اسرائيلي بمباري جي باوجود دنيا آڏو فلسطينين جي مظلوميت جو آواز بڻيل آهن۔اوارڊ لاءِ ٻين نامزد ٿيل شخصيتن ۾ آمريڪا جو تجزيه ڪار مارٽن بيرن، پيرو جو صحافي گستاوو گوريٽي، هانگ ڪانگ جو اظهارِ آزادي جو حامي جمي لائي ۽ ايٿوپيا جي تسفالم والديس شامل آهن، جن آمريت، جنگ ۽ جبر جي ماحول ۾ به سچائي جو جهنڊو بلند رکيو۔عالمي صحافتي حلقن مريم ابودقه جي نامزدگي کي فلسطيني صحافين جي جدوجهد جو عالمي اعتراف قرار ڏنو آهي۔
