خيبرپختونخوا ۾ نئون وزيراعليٰ ڪير؟ چونڊ 13 آڪٽوبر تي ٿيندي

پشاور: خيبرپختونخوا اسيمبلي سيڪريٽريٽ نئين وزيراعليٰ جي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. اعلان موجب، 13 آڪٽوبر صبح 10 وڳي نئين قائدِ ايوان جو چونڊ عمل ٿيندو، جنهن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون پيون وڃن.ياد رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا 8 آڪٽوبر تي تصديق ڪئي هئي ته موجوده وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور جي جاءِ تي سهيل آفريدي کي نئون اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي.ان اعلان کانپوءِ، علي امين گنڊاپور وزارتِ اعليٰ تان دستبردار ٿيندي چيو ته هو اڳواڻ عمران خان جي حڪم تي استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي. سندس لفظن ۾:”وزيراعليٰ جو عهدو باني پي ٽي آءِ جي امانت هو، جيڪا مان واپس ڪري رهيو آهيان.”هن اهو به واضح ڪيو ته سهيل آفريدي کي سندس مڪمل حمايت حاصل هوندي.گورنر هائوس جي ترجمان مطابق، علي امين گنڊاپور جو استعيفو 11 آڪٽوبر تي رسمي طور تي وصول ڪيو ويو آهي، ۽ ان جي جانچ آئيني طريقيڪار موجب ڪئي پئي وڃي.ٻئي طرف، وفاقي وزير عطا تارڙ سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ “دهشتگردن جي سهولتڪار پارٽي” بڻجي وئي آهي، ۽ سهيل آفريدي کي وزيراعليٰ طور سامهون آڻڻ جو مقصد به “ساڳي مدد جاري رکڻ” آهي.سهيل آفريدي، جيڪو ضلع خيبر سان تعلق رکي ٿو، اڳ انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صوبائي صدر رهي چڪو آهي. هو 2024 جي عام چونڊن ۾ پهريون ڀيرو ايم پي اي چونڊيو ويو، ۽ علي امين گنڊاپور جي ڪابينا ۾ معاونِ خصوصي براءِ موصلات طور پڻ ڪم ڪري چڪو آهي. تازو کيس صوبائي وزير براءِ اعليٰ تعليم مقرر ڪيو ويو هو.


پنھنجي راءِ لکو