خيبرپختونخواهه ۾ نئين وڏو وزير چونڊڻ لاءِ اپوزيشن پارٽين جي صلاح مشورا تيز ٿي ويا آهن، جڏهن ته مختلف پارٽين جي اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي۔ذريعن موجب اپوزيشن ڌرين ۾ گڏيل اميدوار جي نالي تي مشاورت جاري آهي، پر اڃا تائين ڪنهن هڪ نالي تي مڪمل اتفاق نٿو ٿي سگهي۔ مسلم ليگ(ن) ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) پنهنجن پنهنجن اميدوارن جا نالا فائنل ڪري ورتا آهن۔ذرائع جو چوڻ آهي ته جي يو آءِ (ف) طرفان اڪرم خان دراني يا مولانا لطف الرحمان کي اميدوار بڻائڻ تي غور ٿي رهيو آهي، جڏهن ته مسلم ليگ(ن) طرفان ڊاڪٽر عبادالله مضبوط اميدوار طور سامهون آيو آهي۔ان سلسلي ۾ جي يو آءِ(ف) جي صوبائي امير مولانا عطاالرحمان چيو آهي ته اپوزيشن پارٽيون وڏ وزارت جي چونڊ ۾ پنهنجو اميدوار ضرور آڻينديون، ڇو ته نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ انهن جو آئيني ۽ قانوني حق آهي۔ٻئي طرف ڪي پي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ ڊاڪٽر عبادالله خان به تصديق ڪئي ته اپوزيشن پارٽيون وڏ وزارت جي لاءِ گڏيل اميدوار بيهارينديون ۽ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائينديون۔ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ تحريڪ انصاف جي باني عمران خان علي امين گنڊاپور کي وڏ وزارت تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن کان پوءِ کيس جي جاءِ تي سهيل آفريدي کي نئون وڏو وزير نامزد ڪيو ويو هو، جنهن کان پوءِ علي امين گنڊاپور استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي۔
